اکر ڌاتو

اکر ڌاتو (ڪتاب ):انگريز مصنف، پادري جارج شرٽ، 44 صفحن تي مشتمل ’اکر ڌاتو‘ نالي ڪتابڙو 1866ع ۾ ڇپايو، جيڪو ليٿو ۾ ڇپيل آهي. هن ڪتاب ۾ چونڊ سنڌي لفظن جا ڌاتو يعني بنياد ڏنل آهن، جيڪي سندس خيال مطابق سنسڪرت مان سنڌيءَ ۾ تَدڀوَ روپ ۾ بدلجي آيا آهن. هن ڪتاب جي ترتيب چئن ڪالمن ۾ هيٺينءَ ريت رکي وئي آهي:
ڌاتو سنسڪرت جو: (1) سنڌي اکرن ۾ لکيل: (2) ڌاتو انگريزي رسم الخط ۾ لکيل: (3) معنيٰ، (4) سنڌي لفظ.


لفظ اکر ڌاتوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو